گڏيل قومون – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير بابت خصوصي پا??لياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ هيومن رائيٽس واچ جي عالمي اداري ”ايڇ آر ڊبليو“ جي ڊائريڪٽر لوئيس چارب??ني?? کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني، اها ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي ٿي، اهو ادارو ڪشمير ۾ ڀارت جي انساني حقن جي خلاف ورزين خاص طور تي نئين دهلي جي تڪراري علائقي جي الحاق کانپوءِ تنقيدي رپورٽون جاري ڪري چڪو آهي، شهريار آفريدي انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ تنظيمن سان ملاقات دوران ??ن ڳالهه تي زور ڏنو ته هو ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پا??ان بي وس ڪشميرين جي خلاف ٿيندڙ بربريت جي خلا?? ڳالهه ٻولهه ڪندو.