اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جو غاصباڻو قبضو گهڻي دير نه رهندو، اتي سيد علي گيلاني جهڙا ماڻهو پيدا ٿيندا رهندا ۽ ڪشمير جلد ??زاد ٿيندو. هو بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلان?? جي غائبانه جنازي نماز جي ادائيگي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. سيد علي گيلان?? جي غائبانه جنازي نماز پارليامينٽ هائوس ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ پارليامينٽ ميمبرن، وزيرن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر ۽ وزيراعظم کانسواءِ ٻين سياسي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. صدر ??اڪ??ر عارف علوي سيد علي گيلاني کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي تائين انهن جهڙا حريت پسند پيدا ٿيندا رهندا. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلمن سان گڏوگڏ ڀارت جي اندر سمورين اقليتن سان سلوڪ افسوسناڪ آهي، اها صورتحال ڀارت جي بربادي جو سبب بڻجند?? جيڪو پاڻ پنهنجي اندر تعصب ۽ اقليتن جي خلاف نفرت جي باهه ڀڙڪائي رهيو آهي. صدر چيو ته گڏيل قومون والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جو واعدو پورو نه ڪيو جنهن سان انهن جي ساک متاثر ٿي آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام جون قربانيون ضايع نه ٿينديون ۽ انهن جي آزادي جو خواب جلد پورو ٿيندو. ان موقعي تي غائبانه جنازي نماز ۾ شريڪ ٻين اڳواڻن پڻ سيد علي گيلان?? جي جدوجهد کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو.