اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلا??ات ۽ ??شر??ات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ اهڙيون حالتون آهن جو ماڻهو سڀ ڪجهه ڇڏي نڪري وڃن، طالبان تي پاڪستان جو اثررسوخ آهي پر ڪنٽرول نه آهي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اطلا??ات ۽ ??شر??ات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته افغانستان جي معاملي تي پاڪستان جي تجويز کي اڳ ۾ به نه ٻڌو ويو، وز??را??ظم عمران خان اشرف غني کي چونڊون نه ڪرائڻ جي تجويز ڏني هي، اشرف غني وز??را??ظم جي تجويز نه مڃي ۽ حالتون اڄ سڀني جي سامهون آهن. هن چيو ته افغان پناهگير اڃا تائين پاڪستان ۾ داخل ناهن ٿيا، افغانستان ۾ اهڙي صورتحال نه آهي جو ماڻهو سڀ ڪجهه ڇڏي نڪري وڃن. اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ حالتون مستحڪم رهن، پاڪستان جو طالبان تي اثررسوخ آهي پر ڪنٽرول نه آهي. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪابل ايئرپورٽ جلد کان جلد کلي وڃي.