اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته (ن) ليگ جو ويزن 2025ع موٽو گينگ جي دولت وڌائڻ، مني لانڊرنگ کي تيز ڪرڻ، ٽي ٽيز کانسواءِ عملي طور تي ڪجهه ناهي، (ن) ليگ جي پوري قيادت بزدل بڻيل آهي، عمران خان جو احتساب ج?? عمل رڪجڻ وارو نه آهي، (ن) ليگ ۽ ٻين ??ُٽ مار ڪندڙن کي پئسا واپس ڪرڻ جو فڪر ڪرڻ جي ضرورت آهي، 45 سيڪڙو تي امپورٽيڊ فيول تي بجلي جا منصوبا لڳائيندڙ نواز، شهباز ۽ مسلسل ڪوڙ ڳالهائيندڙ برگيڊ جي مجرماڻي علفت آهي، 10 نون آبي ذخيرن جي منصوبن ۾ ايترو پاڻي ذخيرو ٿي سگهندو جيترو 70 سالن دوران ذخيرو ٿيندو رهيو آهي، ملڪ ٽي ڀيرا بئنڪ ڊيفالٽ تي پهتو، ٻه ڀيرا (ن) ليگ ۽ هڪ ڀيرو پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي، اڄ اهي ئي ماڻهو معيشت جون ڳالهيون ڪري رهيا ??هن?? اسان جي حڪومت سيلز ٽيڪس ۾ اضافي، ايڊوانس ٽيڪس ۽ ايمنسٽي جهڙين اسڪيمن کانسواءِ 4730 ارب جون ??يڪس وصوليون ڪيون ۽ هلندڙ سال 5800 ارب جون ??يڪس وصوليون ??قيني بڻائيندي. هو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ وري احسن اقبال پريس ڪانفرنس ۾ ڪوڙ جي انتها ڪري ڇڏي آهي، (ن) ليگ جي 18 -2017ع پي ايس ڊي پي ۾ اربين روپين جي لاڳت جا غير منظور شده منصوبا شامل ڪيا ويا. هن چيو ته تاريخ کڻي ڏسون ته خبر پوي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي روايت پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ وڌي ڇو ته پنهنجي دورن ۾ اهي مني لانڊرنگ، جعلي اڪائونٽس، ٻاهرين ??لڪن ۾ پنهنجي اولادن کي جائيدادن ۽ ڪاروبار لاءِ پاڪستان ??ان ??ُٽيل پئسو موڪليندا رهيا ??هن?? اها کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ پاڻ ئي آءِ ايم ايف وڃڻ جي شروعات ڪئي. هن چيو ته احسن اقبال جي هڪ پريس ڪانفرنس رڪارڊ جو حصو آهي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته پي ٽي آءِ حڪومت کي فوري طور تي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو ڇو ته هنن ??لڪي معيشت جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو هو، هن چيو ته (ن) ليگ جي ??ارن ڪارنامن جي ??ري 18 -2017ع ۾ پاڪستان بئنڪ ڊيفالٽ جي ويجهو هو، 15 ڏينهن جا پرڏيهي ذخيرا رهجي ويا هئا، رڪارڊ ٻاهريان ??رض ورتا ويا، 17 ارب ڊالر مارڪيٽ ۾ ڦٽا ڪيا ويا ان جي مقابلي ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جا ٽن سال گهڻا بهتر هئا، اسان جي حڪومت جي آغاز تي معاشي بدحالي، ادارا تباهه هئا ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ ڪورونا وائرس جهڙي عالمي وبا کي منهن ڏيڻو پيو ان جي باوجود ملڪي معيشت کي روان رکيو ۽ 4 سيڪڙو جي ??ي پي گروٿ حاصل ڪئي، روانگي واپار 24.4 ارب رهيو جيڪڏهن سروسز کي شامل ڪريون ته اها 31 ارب ڊالر بڻجي وڃي ٿي. هڪ سال دوران 29.4 ارب ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان آيو، هن چيو ته اسان جي معاشي ٽيم جي محنت جي ??ري 10 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو سرپلس ٿيو، ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ رڪارڊ روانگي واپار ٿيو، 2 ارب ڊالر جي آءِ ٽي برآمدات به رڪارڊ آهي، هن چيو ته پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ڊالر انفلو 60 ارب ڊالر کان ??پي چڪو ??هي، 2018ع ۾ اهو 50 ارب ڊالر کان به گهٽ هو، هن چيو ته لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ 14 سيڪڙو کان ??ڌيڪ گروٿ ٿي آهي، هن چيو ته گذريل سال آبادگارن کي 1100 ارب اضافي ڏنا ويا، 500 ارب ڪڻڪ جي آبادگارن کي ڏنا ويا انهي ڪري ڪڻڪ، چانور، مڪئي، ڪمند سميت سموري پيداوار رڪارڊ ٿي آهي، هن چيو ته (ن) ليگ وارن ??هانگا بجلي جا منصوبا لڳايا جنهن جي ??ري 2023ع تائين 1500 ارب ڪيپسٽي پيمنٽس ڪرڻي پوندي. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ 10 هزار ميگاواٽ سستي بجلي لاءِ 10 وڏن آبي ذخيرن جي منصوبن تي ڪم جاري آهي، 1963ع کان ??وءِ پاڪستان ۾ ڪو ??ه وڏو آبي منصوبو نه ٺهيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته گرين ڊپلوميسي ۾ اڄ دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو نالو آهي ته اه?? عمران خان آهي، اسان ??ڪ ارب ٻوٽا پوکيا ۽ هاڻي 10 ارب ٻوٽا پوکڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته صحت جون بهترين سهولتون ??راهم ڪرڻ لاءِ صحت انصاف ڪارڊ ڪي پي ڪي جي سموري آبادي کي فراهم ڪيو ويو آهي هاڻي ڊسمبر تائين ??نجاب جي سموري آبادي کي هيلٿ ڪارڊ ملي ويندا. هن چيو ته گهٽ آمدني وارن ??ائوسنگ جي منصوبي کي عوامي سطح تي پذيرائي ملي آهي، نوجوانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ پنج لک جا بنا وياج قرض، گهر ٺاهڻ لاءِ 27 لک فراهم ڪيا پيا وڃن، 145 ارب جي قرض جون درخواستون ??ن ??قت تائين ??لي چڪيون ??هن?? انهن ??ان 45 ارب جا قرض منظور ٿي چڪا ??هن?? هن چيو ته رهائشي ۽ ڪمرشل هائوسنگ منصوبن ??اءِ 1000 ارب جي سيڙپڪاري منصوبن جي منظوري ٿي چڪي آهي ۽ ان ??ان 4500 ارب جو معاشي اثر ايندو ۽ 7 لک نوڪريون ??يدا ٿينديون، هن چيو ته عمران خان ??ن ??لڪ کي مديني جي رياست وانگر فلاحي رياست بڻائڻ سان گڏوگڏ سائي جهنڊي جي سربلندي لاءِ عملي جدوجهد جاري رکندو.