لاهور – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٿيليسيميا جي باري ۾ آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٿيليسيميا هڪ موورثي بيماري آهي، ڪزن ميرج جي ڪري ٻارن ۾ بيمارين جي شرح وڌيڪ آهي، اهڙ?? جوڙا شادي کان اڳ ٿيليسيمي?? جو ٽيسٽ لازمي ڪرائين، سندس فائونڊيشن ٿيليسيميا جي مرض جي خلاف اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سندس فائونڊيشن جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ٿيليسيمي?? جو شڪار ٻار سالن کان سندس فائونڊيسن کان بلڊ ٽرانسفيوزن ڪرائي رهيا آهن، ٿيليسيميا هڪ موروثي مرض آهي، اسان وٽ شادي کان پهرين ٽيسٽ نه ڪرايا ويندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ا??ڙي??ن بيماريون پکڙجنديون آهن، ڪزن ميرج جو رواج به عام آهي، ا??ڙي?? شادين جي ڪري پيدا ٿيندڙ ٻارن ۾ بيمارين جي شرح وڌيڪ آهي، اهڙ?? جوڙا شادي ڪرڻ کان اڳ پنهنجو ٿيليسيمي?? جو ٽيسٽ لازمي ڪرائين، جيڪڏهن انهن ۾ ٿيليسيمي?? جو ٽيسٽ پازيٽو آهي ته کين ڪزن ميرج کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇو ته ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار ان مرض جو شڪار ٿي س??هي ٿو، هن چيو ته اسان وٽ ان باري ۾ آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي، وفاقي وزير ان ڳالهه کي ساراهيو ته سندس فائونڊيشن هيومن ريسورس تي به ڌيان ڏنو آهي.