مهمند – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي دور ۾ شروع ٿيندڙ 10 ڊيم 2028ع ۾ مڪمل ٿي ويندا، ماضي جي حڪومتن جلد بازي ۾ معاهدا ڪري آءِ پي پيز مان پئسا ڪمايا، پاڻي، اناج ۽ ماحوليات جهڙا مسئلا ڊيمن جي تعمير سان حل ٿيندا، فوڊ سيڪيورٽي لاءِ اسان مڪمل منصوبا کڻي آيا آهيون، ڊيمن جي تعمير مان 80 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهندي. هو مهمند ۾ مهمند ڊيم جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو وڏو و??ير محمود ??ان، اطلاعات ۽ نشريات جو مملڪتي وزير فرخ حبيب به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اسان لاءِ سڀني کان سستي بجلي پيدا ڪرڻ جو ذريعو ڊيم هئا پر ان طرف ڌيان نه ڏنو ويو، چين ۾ 80 هزار ننڍا وڏا ڊيمن آهن، الله اسان کي پاڻي ڏنو آهي سڄي ملڪ ۾ ننڍا وڏا ڊيم ٺاهي سگهون ٿا، اسان ديامر ڀاشا ۽ مهمند ٻن وڏن ڊيمن سميت 10 ڊيمن تي ڪم شروع ڪيو آ??ي، ان مان سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندا، ماحولياتي تبديلين ۾ پاڪستان سڀني کان اڳتي آ??ي، هن چيو ته ڊيمن مان 80 لک ايڪڙ زمين پوکي جي قابل ٿيندي، آبادي ۾ اضافي سان فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو آ??ي، ڪڻڪ ۾ پاڻڀيرو ملڪ هجڻ جي باوجود ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو سوچي به نه سگهندا هئاسين پر ڪرڻي پئي، هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي جي وڌيڪ ضرورت آ??ي، اسان دنيا کي اناج ڏئي سگهندا هئاسين اسان زراعت تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اسان جيڪڏهن قدم نه کنيا ته مسئلا ٿيندا، اسٽيڊيم کان پشاور کي 300 گلين پاڻي ڏينداسين، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ماضي ۾ ٻاهران قرض کڻي پاور پراجيڪٽ ڪميشن کائڻ جي لاءِ لڳايا ويندا رهيا، اهو آسان طريقو آ??ي، هن چيو ته انهن معاهدن سان جنهن لاڳت تي بجلي پيدا ٿيندي آهي ان تي صارفين کي نٿا ڏئي سگهون جيڪڏهن قيمتن ۾ اضافو ڪريون ٿا ته ما??هو گوڙ ڪندا آهن، پاڪستان ۾ 50 هزار ميگاواٽ پن بجلي جي صلاحيت موجود ????ي، پر ان تي ڪم نه ڪيو ويو، هن چيو ته گردشي قرض جي بنيادي سبب پيداواري لاڳت ۽ وڪري جي اگهه ۾ فرق آهي.