اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته قومي ترقي جي عظيم جدوجهد ۾ اسان جي جوان پوره??تن جو ڪردار بنيادي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان انهن سمورن سنهري اصولن تي عمل پيرا آهي جنهن ۾ مزدورن جي حقن جي فراهمي ۽ تحفظ رياست جو آئين فراهم ڪري ٿ??. م??دورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پهرين مئي پوره??تن جي حقن جي تحفظ جي علامت طور ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن اهو وچن ورجايو ويندو آهي ته پورهيت قومي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي ذميداري پوري نيڪ نيتي ۽ ايمانداري سان ادا ڪند??. م??مد صادق سنجراڻي چيو ته رياست ۾ هر سطح تي پورهيت جي حقن جي ادائيگي يقيني بڻائي ويندي، پاڪستان ۾ جلد مزدور ڪلاس ??و معيار بهتر ٿي ويندو ان لاءِ هڪ مستقبل لائحه عمل اخ??يا?? ڪرڻ جي ضرورت آهي، سينيٽ چيئرمين چيو ته هنرمند ۽ غير هنرمند مزدورن جي گهٽ کان گهٽ معاوضي ۾ اضافو ڪري پوره??تن جي معيار کي بهتر ڪري سگهجي ٿو.