اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته بلوچستان ۽ اڳوڻي قبائلي علائقن مان چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ماضي ۾ نظر انداز ڪيل علائقن جي عوام جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ان سان وفاق وڌيڪ مضبوط ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظها?? سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.