اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هڪ پرامن مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي ل??ءِ سڀني ڌرين کي تشدد جي خاتمي، جنگ بندي ۽ تڪرا?? جي سياسي حل ل??ءِ تعميراتي انداز ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، افغان تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي ۽ ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، افغانستان ۾ امن جي واپسي سان علائقي ۽ دنيا تي اقتصادي ترقي، علائقائي واپار ۽ بهتر رابطن جي ذريعي ڊگها مثبت اثر پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي افغانستان جي مسعود فائونڊيشن جي سربراهه احمد ولي مسعود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم احمد ولي مسعود جي گرم جوشي سان آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ڀائراڻي لاڳاپن، گڏيل تاريخ، م??هب، ثقافت ۽ روايتن ۾ ٻڌل آهن، هن افغان مزاحمت دوران هڪ اهم مجاهد ليڊ?? جي طور تي مرحوم احمد شاهه مسعود جي تاريخي ڪردار جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم چيو ته افغان تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان کانپوءِ پاڪستان، افغانستان ۾ امن جي قيام جو سڀني کان وڏو خواهشمند آهي. ڇاڪاڻ جو ان تڪرا?? جي ڪري هو تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. افغان امن عمل جي تڪرار ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان بين ال??فغان ڳالهين جي آغاز ۽ آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ امن معاهدي ۾ سهولت ل??ءِ ڀرپور تعاون ڪيو آهي. بين ال??فغان ڳالهيون هڪ تاريخي موقعو فراهم ڪن ٿيون ۽ افغان قيادت کي هڪ جامع، وسيع ال??نياد ۽ بامقصد ساسي حل ل??ءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.