اسلام آباد – 06 – جن??ري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گوادر پورٽ ف??ي زون ايريا کي افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ واپار جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت ??هي، گوادر بندرگاهه جهڙن قومي منصوبن جي ڪامياب پڄاڻي جي لاءِ حڪمت عملي ۽ ويزن ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر جي د??ري د??ران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صدر کي گوادر ماسٽر پلان ۽ گوادر پورٽ جي ترقياتي ڪمن ب??بت بريفنگ ڏني وئي. گوادر پورٽ اٿارٽي جي چيئرمين نصير خان ڪاشاني ۽ گوادر ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل شاهزيب خان ڪاڪڙ گوادر پورٽ ۽ گوادر سٽي بابت ترقياتي ڪمن تي بريفنگ ڏني. صدر چيو ته ڪراچي پورٽ سان گڏوگڏ افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ جي لاءِ گوادر پورٽ ف??ي زون کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت ??هي، گوادر پورٽ تي ٽريفڪ جي تيزي سان رواني کي يقيني بڻايو وڃي.