اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 71 ماڻهو فوت ٿيا، نئين سال ۾ به ڪورونا جا وار جا??ي ره??ا. ??معي ڏينهن اين سي او سي جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 2 هزار 463 ماڻهن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي، فوت ٿيندڙن مان 61 ماڻهو اسپتالن ۾ ع??اج هيٺ هئا، چئن وڏن شهرن جا مريض وينٽيلٽرز تي موجود آهن، اسلام آباد جا 38 سيڪڙو، جڏهن ته ملتان 37 سيڪڙو مريض وينٽيلٽرز تي آهن، پهرين جنوري 2021ع تائين پاڪستان ۾ 34 هزار 763 ڪورونا جا ايڪٽو ڪيس آهن، اين سي او سي موجب هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ 4 لک 82 هزار 178 ڪورونا جا ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن مان 4 لک 37 هزار 229 مريض ڪورونا کي شڪست ڏئي چڪا آهن.