اسلام آباد – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان مسئلي جو ڪو فوجي حل ممڪن نه آهي، ا??غان مسئلي جو حل افغانين تي ٻڌل ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي، ا??غان ان عمل کي ناڪام بڻائيندڙن کان اسان کي هوشيار رهڻو پوندو، سموريون افغان ڌريون جن??بندي ڪن. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب طالبان پوليٽيڪل ڪميشن جي وفد ملا عبدالغني برادر جي سربراهي ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران افغان امن عمل ۾ اڳڀرائي ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.