اسلام آباد – 26 ?? ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي وارثن سان ٽيليفون تي ??اب??و ڪيو ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 ڊسمبر تي ميران شاهه ۾ ??ود??ش حملي ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار محمد عامر، 4 ڊسمبر تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي ناصر خان ۽ 26 ن??مب?? تي لڪي مروت ۾ شهيد ٿيندڙ نائب صوبيدار قاسم خان ۽ حوالدار محمد چنگيز چغتائي جي پونيئرن سان ٽيليفون تي ??اب??و ڪيو ۽ تعزيت ڪئي. هن 30 ن??مب?? تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار پروش خان جي والده پڻ سان فون ??ي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن کي انهن جي خدمتن تي خراج تحسين ۽ ملڪ جي لاءِ جان قربان ڪرڻ تي سلام پيش ڪيو. هن شهيدن جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.