اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان ??المي مشروب ساز ڪمپني پيپسي ڪو جي آفريقا، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر يوجين وليمسن جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب ملاقات ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود ??ڻ شريڪ هو. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي چيو ته قومون معاشي پاليسين جي تسلسل سان ٺ??ند??ون آهن. وزيراعظم پيپسي ڪو جي پاڪستان ??ان ??طي جي ٻين ملڪن مان ??رآمدات کي ساراهيندي ڪمپني کي پاڪستان ۾ زرعي صنعتن، سيڙپڪاري وڌائڻ جي ترغيب ڏني. يوجين وليمسن حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ان کانسواءِ حڪومت جي معاشي، ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي پاليسين جي تسلسل جي ڪوششن کي به ساراهيو. يوجين وليمسن وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ته پيپسي ڪو ٻوڏ متاثرين ??ي لاءِ 50 لک راشن پيڪيٽ فراهم ڪيا، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ پيپسي ڪو جي ملازمن پاران ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ عطيو گڏ ڪر?? جي مهم به جاري آهي. وزيراعظم پيپسي ڪو پاران ??نهن جي مدد تي ٿورا مڃيا ۽ ڪمپني پاران ??راعت جي شعبي ۾ جدت آڻڻ ??ي لاءِ سيڙپڪاري کي ساراهيو.