اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاڪ فوج جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هر مشڪل ۽ آزمائش ۾ پاڪستاني فوج جون قربانيون ناقابل فراموش آهن. هن چيو ته حادثي ۾ شهادت ماڻيندڙ ملڪ ۽ قوم جا محسن آهن، سڄي قوم پنهنجي شهيدن کي انهن جي عظيم ??ربانين تي سلام پيش ڪري ٿي. اطل??عا?? و??ري وفاقي وزير شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.