اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ خوفناڪ ٻوڏ جي متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان امدادي سامان جي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري ??هي، هيستائين مختلف ملڪن مان 115 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي ويون آهن. پرڏيهي آف??س پاران جاري ??نگن اکرن موجب ٻوڏ متاثرين جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان هيستائين مجموعي طور تي 41، ترڪيه مان 13، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 4، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 3، گڏيل قومن جي پناهگيرن جي اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات مان ايندڙ 13 اڏامون، ترڪمانستان جي هڪ، اردن جي هڪ، عالمي خوراڪ واري ??داري ??ون 3، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، عمان جون 5 ۽ سعودي عرب جون 2 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. امدادي اڏامن کانسواءِ ترڪيه جون 2 ٽرڪون ۽ ريل گاڏيون، تاجڪستان مان 87 ٽرڪون ۽ ع??ان مان پاڻي جي هڪ جهاز ذريعي به امدادي سامان پاڪستان پهچي چڪو آهي.