ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪست??ن جي دوري جي موقعي تي هوائي اڏي تان سڌو ثمرقند ۾ حضرت خضر ڪمپليڪس ويو ۽ ازبڪست??ن جي باني اڳواڻ اسلام ڪريموف جي مزار تي حاضري ڀري. ان موقعي تي ازبڪست??ن جي اعليٰ قيادت، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پڻ ان سان گڏ هو. وزيراعظم ازبڪست??ن جي باني اسلام ڪريموف جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه ??وا??ي ڪئي. اٺين صديءَ ۾ تعمير ٿيندڙ مسجد خضر فن تعمير جو بهترين شاهڪار آهي. واضح رهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي ثمرقند پهتو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب دوري دوران وزيراعظم تاجڪست??ن جي صدر امام علي رحمان ۽ ازبڪست??ن جي صدر شوڪت مرزئيوف س??ن جدا جدا ملاقات ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم ايراني صدر ابراهيم رئيسي، بيلاروس جي صدر اليگزينڊر گريگوري – وچ لوڪا- شينڪو ۽ ڪرغزست??ن جي صدر سيد رجاپاروف سان پڻ جدا جدا ملاقات ڪندو. ان کانپوءِ وزيراعظم ازبڪ صدر پاران مملڪتي سربراهن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. آجياڻي کانپوءِ وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو.