سکر-10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل انتونيوگوتريش هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري کي پاڪستان جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ يقين ڏياريو ??هي?? ته هو گڏيل قومن جا سمورا اختيار استعمال ڪري پاڪستان جي هر ممڪن مدد ڪندو. سيڪريٽري ??نرل انتونيو گوتريش وزيراعظم شھباز شريف ۽ پرڏيھي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ سان خصوصي اڏام وسيلي سکر ايئرپورٽ پھتو. جتي سنڌ جي وزيراعلي’ سيد مراد علي شاھ ۽ ٻين سندن استقبال ڪيو. استقبال بعد سکر ايئرپورٽ جي وي آءِ پي لائونج ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ بابت بريفنگ ڏني، ان موقعي تي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل چيو ته دنيا ۾ موسمياتي تبديلي سبب پاڪستان ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي انتهائي افسوس ??هي?? اسان کي ٻوڏ جي صورتحال جو احساس ??هي?? ماحولياتي آلودگي کي گھٽ ڪرڻ لاءِ ا??اء?? وٺڻ جي ضرورت ??هي?? موسمياتي تبديلي دنيا لاءِ هڪ وڏو چئلينج ??هي?? جنهن سان هن وقت پاڪستان وڙهي رهيو آهي. اسان کي مستقبل ۾ اهڙن چئلينجن جو به مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گھرجي ۽ اهڙي صورتحال ۾ جاني ۽ مالي نقصان کي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گھرجن. هن چيو ته اسان پاڪستان کي هن ڏکي وقت ۾ اڪيلو نٿا ڇڏي سگھون، عالمي برادري هن وقت پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي اچي. پاڪستان هن وقت دنيا جي انهن ملڪن ۾ فرنٽ لائين تي شامل ??هي?? جنهن کي موسمياتي تبديلي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير بريفنگ ڏيند?? چيو ته هن سال سنڌ ۾ 1185 ملي مليٽر برسات پئي آهي. رڳو سنڌ ۾ برسات ۽ ان جي ٻوڏ سبب 537 ماڻهو فوت ٿيا آهن. 2010ع واري ٻوڏ ۾ سنڌ جا 6 ضلعا متاثر ٿيا هئا. هن ڀيري ??نڌ جا 24 ضلعا شديد متاثر ٿيا آهن. ٻوڏ جون تباهيون جاري ??هن. لکين گھر ڊهي پيا آهن. مواصلاتي نظام، زراعت، لائيو اسٽاڪ، صحت، تعليم جي شعبي کي لکن جو نقصان پهتو آهي. روڊ، ريلوي ٽريڪ اڃا تائين پاڻي ۾ ٻڏل آهن. هن وقت به اسان کي 30 لک خيمن ۽ مڇر دانين جي ضرورت آهي. متاثر علائقن ۾ جانورن لاءِ خوراڪ جي کوٽ ??هي?? جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري ??هيا آهيون. سنڌ ۾ روڊن جي بحالي لاءِ شروعاتي طور اربين ر??پين جي ضرورت آهي. اسڪولن، اسپتالن جي بحالي لاءِ 5 ارب روپين جي ضرورت آهي. متاثرن جي بحالي تمام وڏو چئلينج بڻيل آهي. رڳو ڪراچي جي انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ 10 ارب روپين جي ضرورت آهي. هن وقت متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ عالمي برادري ??عاون ڪري. بريفنگ ۾ شرڪت کانپوءِ گڏيل قومن جو سيڪريٽري ??نڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دوروڪر لاءِ وزيراعظم ۽ ٻين سان گڏي ھيلي ڪاپٽر ۾ روانو ٿي ويو.