نوشهره – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ جي صورتحال ۽ امدادي ڪاررواين جو جائزو ورتو. وزيراعظم نوشهره ۾ قائم ڪيل امدادي ڪئمپ جو به دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شه??از شريف کي نوشهره ۾ ٻوڏ جي صورتحال، ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم شه??از شريف نوشهره ۾ مردان پل تي ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو. وزيراعظم کي ڪابل درياءَ ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ ريسڪيو جي لاءِ قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ماڻه?? کي محفوظ جاين تي منتقل ڪرڻ ۽ فوري ريسڪيو جي لاءِ سمورا وسيلا ??ستعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد ع??اس?? ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام پڻ موجود هئا.