اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽانڪ ۾ پوليو ورڪرز جي ٽيم تي دهشتگردن جي ف??ئر??گ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته قوم جي ٻارن جي صحت جي دشمنن جو خاتمو ڪري پوءِ ئي ساهه کڻنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظ?? ٽانڪ ۾ پوليو ورڪرز جي ٽيم تي دهشتگردن جي ف??ئر??گ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ شهيد پوليس اهلڪارن کي خ??اج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظ?? ٽانڪ جي علائقي ڪوٽ اعظم ڪچي آبادي ۾ سپاهي پير رحمان ۽ سپاهي نثار خان جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف پوليس اهم قربانيون ڏنيون آهن. شهيدن کي سلام پيش ڪيو?? ٿا. وزيراعظم چيو ته پوليو ورڪرز تي حملو ڪندڙ قوم جي ٻارن کي معذور بڻائڻ چاهي?? ٿا. قوم جي ٻارن جي صحت جي دشمنن جو خاتمو ڪنداسين. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.