اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) گوادر ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ انڊس اسپتال، گوادر ۾ 100 بستر?? تي ٻڌل عالمي معيار جي اسپتال جي تعمير جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪري ڇڏيون. صحيحن واري تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف پڻ موجود هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جا??ي بيان ??وجب گوادر ۾ عالمي معيار جي هي اسپتال مقامي ماڻهن کي علاج جون معياري سهولتون فراهم ڪندي. اسپتال کي جلد مڪمل ڪرڻ کا??پوءِ ان جو انتظام انڊس اسپتال سنڀاليندي. اسپتال جي مڪمل ??يڻ کا??پوءِ گوادر جي ماڻهن کي علاج جي لاءِ وڏن شهرن ۾ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي.