اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) موسميات کاتي سومر 20 کا?? اربع 22 جون تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وڏي طوفان ۽ گجگوڙ سان برساتن جي سلسلي جي اڳڪٿي ڪندي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ جاري ڪندي هنگامي حا??تن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. موسميات کاتي پاران جاري ڪيل تازي ايڊوائيزري موجب سومر 20 کا?? اربع 22 جون تائين ملڪ جي اترئين ۽ وچو وارن علائقن ۾ وسيع پئماني تي طوفان ۽ گجگوڙ سان تيز برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو. تيز برساتن جي ان سلسلي جي ڪري خيبرپختونخواهه، گليات، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ لينڊ سلائيدنگ کا??سواءِ ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ ندي نالن/ دريائن ۾ طغياني ۽ نشيبي علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. اين ڊ?? اي?? اي ان صورتحال جي ڏس ۾ سمورين لاڳاپيل وفاقي، صوبائي وزارتن بشمول پريس انفارميشن ڊ??ارٽمينٽ، صوبائي، گلگت بلتستان، اسٽيٽ ۽ ضلعي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز سميت سمورن لاڳاپيل کاتن کي ڪنهن به قسم جي هنگامي حا??تن کي منهن ڏيڻ ۽ وقت سر اڳواٽ قدم کڻڻ جي لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن ڪنهن به قسم جي امڪاني جاني ۽ مالي نقصان کا?? بچڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. پي ڊي اي?? اي ۽ ڊي ڊي اي?? اي کي سمورن لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ رهڻ، ايمرجنسي مشينري ۽ عملي بشم??ل نشيبي علائقن جي لاءِ ڊي واٽرنگ پمپس جي اڳواٽ موجودگي يقيني بڻائڻ جي هدايت جاري ڪئي ته جيئن موسم جي ڪري رهائشي علائقن ۾ ٻوڏ واري پاڻي کي منهن ڏيڻ ۽ رستا بلاڪ ٿيڻ جي صورت ۾ وقت سر قدم کڻي سگهجن. لوڪل ريسڪيو سروسز ڊپارٽمينٽس ٻوڏ خطري ۾ ورتل علائقن جي رهواسين خاص طور تي سياحتي جاين طرف عوام کي غيرضروري چرپر کا?? محتاط رکڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي آگاهي مهم هلائين. وڌيڪ اهو ته نشيبي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو محتاط رهندي ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال کا?? لاڳاپيل ايمرجنسي سروسز کي فوري طور تي مطلع ڪن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بشمول موٽروي/ ٽريفڪ پوليس اترين علائقن طرف سفر ڪندڙ مسافرن ۽ سياحن کي امڪاني برساتن ۽ رستن جي تازي صورتحال کا?? باخبر رکن.