اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جو ڪوڙو ۽ منافق چهرو عوام سڃاڻي ٿي، ٻاهرئين سازش جو بيانيو دفن ٿيڻ کانپوءِ 25 مئي جو ڀڳوڙو هاڻي پنهنجي ڏنل مهانگائي تي فتنو فساد پکيڙڻ چاهي ٿو، عوام ملڪي مفاد کي ڪجهه هيرن جي عيوض وڪرو ڪندڙن جي ڪال تي ڇو نڪر??؟ عمران خان جي احتجاج جي ڪال تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عوام ڪوڙي، فتني، منافق ۽ چور جي ڪال تي ڇو نڪر??؟ عوام چار سال مزدور جي مزدوري ۽ عوام جي روزي کائيندڙ جي ڪال تي ڇو نڪري؟ مهانگائي، معاشي تباهي ۽ بيروزگاري جي ذميوارن جي ڪال تي عوام ڇو نڪري؟ چار سال مهانگائي جو طوفان برپا ڪندڙن جي ڪال تي عوام ڇو نڪري؟ اقتدار ۾ آءِ ايم ايف سان ڪمزور معاهدو ڪندڙن جي ڪال تي عوام ڇو نڪري؟ اٽو 35 مان 90 رپيا ڪندڙن جي ڪال تي عوام ڇو نڪري؟ کنڊ 52 مان 120 رپيا ڪندڙن جي ڪال تي عوام ڇو نڪر??؟ عوام خوني مارچ جي ڪال ڏيندڙن سان گڏ ڇو نڪر??؟ عوام پوليس وارن کي گوليون هڻندڙن سان گڏ ڇو نڪر??؟ عوام ملڪ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙن سان گڏ ڇو نڪري؟ چار سال ملڪ جا مفاد هيري جي مُنڊين جي عيوض وڪرو ڪندڙن جي ڪال تي عوام ڇو نڪر??؟ عوام ملڪ کي تاريخي مقروض ڪندڙن سان گڏ ڇو نڪر??؟ عوام ڪشمير فروشن سان گڏ ڇو نڪر??؟ عوام ملڪ کي ورڇ ڪندڙن سان گڏ ڇو نڪري؟ هن چيو ته حڪومت ملڪ جو معاشي رخ صحيح ڪري رهي آهي ڪنهن خوني ۽ فسادي احتجاج جي اجازت نه هوندي.