اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرو??ز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت آئين ٽوڙيو، پارليامينٽ کان وڌيڪ ايوان صدر کي ا??ميت ڏني، عوامي ا??ميت رکندڙ سمورن ايشوز تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪرايو ويندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرو??ز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني ٽيليفونڪ رابطي تي خيالن جي ڏي وٺ دوران ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرو??ز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني هڪ ٻئي کي عيد جي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عيد جي خوشين ۾ اسان کي مستحق ماڻهن جو خاص خيال رکڻ گهرجي. بيان موجب ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته الله تعاليٰ اسان کي موقعو ڏنو آهي ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ پارليامينٽ جو وقار بلند ڪرڻو آهي، اڳوڻن حڪمرانن آئين ٽوڙيو، پارليامينٽ کان وڌيڪ ايوان صدر کي ا??ميت ڏني. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عوامي ا??ميت رکندڙ سمورن ايشوز تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪرايو ويندو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته عوام جو پارليامينٽ تي اعتماد بحال ڪرڻ اسان جي ا??لين ترجيح آهي.