لاهور – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شر??ف چيو آهي ته ??لڪ شديد ترين معاشي خطرن ۾ گهيريل آهي، اسان ??ي مشڪلاتن جو اندازو آهي ان تي ضابطو آڻڻ حڪومت ۽ ان جي اتحادين جي گڏيل ذميواري آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف عيد جي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ جاتي امراء ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته گڏجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته گذريل پوڻا چار سال ۾ اسان ??ي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، شاهد خاقان عباسي، راڻا ثناءُ الله، سعد رفيق، مفتاح اسماعيل، مريم نواز، حمزه شهباز انتقام جو نشانو بڻجندا رهيا، آ??ون انهن سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته الله جي آڏو دعا آهي ته ??ي عيد ترقي ۽ خوشحالي جو پيغام کڻي اچي، مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اسان ??ي الله جي رضا سان ??ڏ سخت محنت ڪرڻي پوندي. شهباز شر??ف چيو ته ??لڪي معيشت کي تباهه ڪيو ويو آهي جلد ئي قوم کي خطاب ڪندس. وزيراعظم شهباز شر??ف چيو ته اڄ گلا ڪرڻ جو نه پر ڳلي لڳائڻ جو ڏينهن آهي. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن قوم جي هڪ دل ٿيڻ ۽ گڏجي مسڪرائڻ جو ڏينهن آهي. وزيراعظم شهباز شريف سمورن پاڪستانين ۽ عالم اسلام کي عيد جي دلي مبارڪباد پڻ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز جاتي امراء ۾ عيدالفطر جي نماز ادا ڪئي. وزيراعظم ۽ وڏي وزير پاران عيد جي نماز کانپوءِ ملڪي سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ خصوصي دعا??ون ڪيون ويون. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز عيد جي نماز کانپوءِ ماڻهن سان ??لي مليا ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني.