اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پ??ڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان اسلامي تعاون تنظيم جي ڪردار ک?? وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب شاهه محمود قريشي اسلام آباد ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي پ??ڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته بطور ميمبر پاڪستان اسلامي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري کي فروغ ڏ??ندو. پ??ڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي او آءِ سي تي زور ڏنو ته مسلمان امت کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ردعمل جو مظاهرو ڪري. هن چيو ته او آءِ سي اٽڪل 2 ارب مسلمانن جو گڏيل آواز آهي. اها مسلمان ملڪن ۽ عالمي برادري جي وچ ۾ هڪ پل آهي. مسلمان امت جي اندر يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏ??ڻ پاڪستان جي پ??ڏي??ي پاليسي جي مرڪزي ٿنڀن مان هڪ آهي. هن چيو ته او آءِ سي اجلاس جي 48 هين اجلاس جي چيئرمين جي ح??ثي?? سان پاڪستان جو بنيادي هدف مسلمان ملڪن جي وچ ۾ تعاون ک?? وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ هوندو. فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جو ذڪر ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمُون ۽ ڪشمير جا مسلمان هينئر به غلامي جو شڪار آهن. هن چيو ته اسان کي قراردادن کي اختيار ڪرڻ کان اڳت?? وڌي انهن تڪرارن جي مستقل حل جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن.