اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلا??و فوبيا جي تدارڪ جي لاءِ 15 مارچ تي عالمي ڏينهن ملهائڻ جي گڏيل قومن ۾ پاڪستان پاران پيش ڪيل قرارداد جي منظوري تي مسلمان امت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اڳيون چئلينج ان تاريخي قرارداد تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته آئون مسلمان امت کي اڄ مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ته جڏهن اسلا??و فوبيا جي خلاف اسان جي بلند ڪيل آواز کي ٻڌو ويو ۽ گڏيل قومن پاڪستان پاران او آءِ سي جي نمائندي طور تي متعارف ڪرايل قرارداد کي منظور ڪيو ويو جنهن ۾ 15 مارچ کي اسلا??و فوبيا جي تدارڪ جي ڏينهن طور ملهائڻ آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن گڏيل قومن آخرڪار دنيا کي وڙهائڻ جي درپيش اسلا??و فوبيا، باقاعده منصوبابندي سان نفرت آميز تقريرن ۽ مسلمان امت جي خلاف فرق جي روڪٿام جي حوالي سان درپيش وڏن چئلينجن جو ادراڪ ڪري ورتو آهي. وزيراعظم چيو ته اڳيون چئلينج ان تاريخي قرارداد تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ آهي.