اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو آهي ته احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت سڄي ملڪ جي پبلڪ يونيورسٽيز مان 92 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين ک?? ميرٽ تي اسڪال??شپ?? ڏنيون ويون ??هن، هلندڙ سال جي لاءِ سڄي ملڪ بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪسمير، گلگت بلتستان مان احساس اسڪال??شپ?? جي لاءِ هڪ لک 22 هزار 744 درخواستون ملي چڪيون ??هن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو ته وزيراعظم عمران خا?? جو احساس پروگرام گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي ٻارن جي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم جي خواب جي تعبير کي ممڪن بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته جون 2023ع تائين اسڪروٽني جو عمل مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 4 يا 5 سالا گريجوئيشن پروگرام جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪال??شپ?? ڏنيون وينديون.