اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو برآمدي ترقي تي ٻڌل منصوبابندي متعارف ڪرائي رهي آهي، باصلاهيت نوجوان افرادي قوت، سياحت ۽ سمنڊ پار پاڪستاني سيڙپڪار ملڪ جي ترقي لاءِ انتهائي اهميت رکن ٿا، حڪومت سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن کي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ فعال بڻائي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪي ترقي جي لاءِ منصوبابندي ۽ حڪمت عملي جي فريم ورڪ ۽ ان نظام ۾ سڌارن تي اعليٰ سطحي اج??اس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو برآمدي ترقي تي ٻڌل منصوبابندي متعارف ڪرائي آهي. بدقسمتي سان ماضي جي حڪومتن ترقياتي منصوبابندي ڪر?? وقت حڪومتي مفاد کي قومي مفاد تي ترجيح ڏني. وزيراعظّم چيو ته باصلاهيت نوجوان افرادي قوت، سياحت ۽ سمنڊ پار پاڪستاني سيڙپڪار ملڪ جي ترقي لاءِ انتهائي اهميت رکن ٿا. حڪومت ملڪ ۾ صنعتي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي روزگار جي فراهمي ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن کي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ فعال بڻائي رهي آهي. اج??اس کي منصوبابندي واري وزارت پاران حڪومت جي 5 سالا ترقياتي منصوبابندي جي طريقيڪار ۾ موجوده حڪومت جي سڌارن جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته ملڪي ترقياتي منصوبابندي جي جوڙجڪ جو لاڳو نظام تبديل ڪر?? وقت جي ضرورتن جي مناسبت سان ضروري تبديليون نه ڪرڻ جي ڪري فرسوده ٿي چڪو آهي جنهن جي بهتري لاءِ منصوبابندي وزارت ترجيحي بنيادن تي سڌاراجاتي حڪمت عملي تيار ڪئي آهي. سڌارن کانپوءِ ملڪي ترقياتي منصوبابندي جي لاءِ برآمدي ۽ صنعتي شعبي جي ترقي، روزگار جي فراهمي ۽ في ڪس آمدني وڌائڻ کي بنيادي حيثيت ڏني ويندي. منصوبابندي جي لاءِ نه رڳو پاڪستاني معاشي ضرورتن جي سمجهه رکندڙ عالمي شهرت يافته ماهرن جي راءِ پر عالمي معيار ۽ تبديل ٿيندڙ عالمي برآمدي مارڪيٽ جي صورتحال کي پڻ نظر ۾ رکيو ويندو. منصوبابندي ڪر?? وقت پاڪستاني معاشي ترقي جو رخ درآمدي ترقي کان برآمدي ترقي طرف موڙيو ويندو. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته ترقياتي منصوبابندي ڪر?? وقت نه رڳو ڊگهي مدي پر گهٽ مدي واري هدفن جو تعين ڪيو ويندو جنهن تي تبديل ٿيندڙ عالمي ۽ ملڪي صورتحال جي ڏس ۾ سالياني نظرثاني ڪري ضروري ترميمون به ڪيون وينديون. وڌيڪ اهو ته اج??اس کي ٻڌايو ويو ته منصوبابندي جي جوڙجڪ ۾ سموريون وزارتون پنهنجو تعاون يقيني بڻائين، نتيجي طور ملڪي ترقي جي رخ جو تعين ٺوس منصوبابندي تحت ممڪن ٿي سگهندو. منصوبابندي ڪر?? وقت پاڪستان ۾ پيداواري شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي وارين صنعتن جي نشاندهي ڪري صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ مراعتون ۽ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ان کانسواءِ برآمدي صنعت ۾ نئين شعبن جي تعين، جن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، آٽو موبائيل، سياحت وغيره شامل آهن، ڪري صنعتون لڳائڻ جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. جڏهن ته پاڪستان جي عالمي دنيا ۾ مستحڪم واپاري لاڳاپن وارن دوست ملڪن سان واپار وڌائڻ جي لاءِ پاڪستاني سفارتخانن کي ان حوالي سان وڌيڪ فعال ڪيو ويندو. اج??اس کي پاڪستان جي موجوده منصوبابندي جي جوڙجڪ جي نظام، ان جي خامين، خطي ۽ دنيا جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي ترقي جي راهه ۾ ماضي جي حڪومتن جي ٺوس ۽ وقت سان هم آهنگ منصوبابندي کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪري ايندڙ رڪاوٽن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ترقياتي منصوبابندي جي لاءِ فريم ورڪ کي جلد مڪمل ڪري ترجيحي بنيادن تي ان کي لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اج??اس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، اسد عمر، حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، سيد فخر امام، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ واري خاص معاون خالد منصور ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.