ڪراچي – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف فلاحي تنظيمن جي سماجي ڪمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ضرورتمندن جي ڀلائي ل??ءِ جي ڊي سي فائونڊيشن جي ڪوششن کي ساراهيو. اها ڳالهه هن جي ڊي سي جي وفد سان گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفد جي سربراهي جي ڊي سي جو سربراهه ظفر عباس ڪري رهيو هو. ان موقعي تي جي ڊي سي جي سربراهه صدر کي غيرسرڪاري تنظيم پاران جاري سماجي ڀلائي جي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو. ظفر عباس صدر کي جي ڊي سي فائونڊيشن جي ڪراچي ۾ 50 ڊائيلاسز سينٽرز کولڻ، راشن جي فراهمي، خوراڪ جي مرڪزن ۽ ٻين مصنوبن بابت بريفنگ ڏني. وفد سان ڳالهائيندي صدر حڪومت جي احساس پروگرام جي مختلف اسڪيمن بش??ول آسان قرض، فني تربيتي پروگرام ۽ ماءُ جي ل??ءِ غذائي امداد مان فائدو کڻڻ جي ل??ءِ نوجوانن جي رهنمائي ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بئنڪون صنعتڪارن کي آسان قرض فراهم ڪرڻ کانسواءِ غريبن کي پڻ گهٽ کان گهٽ وياج جي شرح تي آسان قرض فراهم ڪن. هن نجي شعبي تي زور ڏنو ته اهو بيروزگار تعليم يافته نوجوانن جي ل??ءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ل??ءِ اڳتي اچي. بعد ۾ جي ڊي سي جي سربراهه صدر کي شيلڊ پڻ پيش ڪئي.