GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

نگران وزيراعظم پاران ملڪ جي ٽن ضلعن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي تي ڳڻتي جو اظهار، عالمن، استادن، والدين سميت سمورين ڌرين کي پوليو جي خاتمي جي آگاهي مهم ۾ شامل ڪيو وڃي: انوارالحق ڪاڪڙ

image

اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ جي ٽن ضلعن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عالمن، استادن، والدين سميت سمورين ڌرين کي پوليو جي خاتمي جي آگاهي مهم ۾ شامل ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ نيشنل ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو. نگران وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پوليو جي ملڪ مان مڪمل خاتمي لاءِ معاشري جي هر طبقي کي ان قومي فرض ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ملڪ جي ٻارن جي محفوظ ۽ صحتمند مستقبل جي لاءِ هر ڪنهن کي ان مقدس مشن جو حصو بڻجڻو پوندو. هن هدايت ڪئي ته عالمن، استادن، والدين ۽ سمورين ڌرين کي پوليو جي خاتمي جي آگاهي مهم جو حصو بڻايو وڃي. نگران وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته پوليو جي خاتمي جي مهم دوران پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ پوليو جي ڪيسز ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي پر ملڪ مان ان موذي مرض جي پاڙ کان خاتمي تائين اسان پنهنجي ڀرپور ڪوشش جاري رکنداسين، قوم جي لاءِ سڀ کان وڏو خوشي جو ڏينهن اهو هوندو جڏهن ملڪ جو هر ٻار ان خطرناڪ مرض کان مڪمل طور تي محفوظ هوندو، اها مڃيل حقيقت آهي ته سمورن عالمن بشمول امام ڪعبه پڻ پوليو کان بچاءُ جي ڦڙن کي بلڪل محفوظ ۽ ٻارن جي معذوري کان پاڪ مستقبل جي لاءِ انتهائي ضروري قرار ڏنو آهي. نگران وزيراعظم ملڪ جي ٽن ضلعن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته جن ضلعن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي جي اطلاع آهي اتي خصوصي پوليو جي خاتمي جي مهم هلائي وڃي. هن چيو ته پوليو وائرس جي خلاف جنگ اسان جي مستقبل جي بقاءَ جي جنگ آهي جنهن کي اسان کي هر قيمت تي کٽڻو پوندو. نگران وزيراعظم پوليو جي خاتمي جي قومي پروگرام ۾ وڌي چڙهي شرڪت ڪرڻ ۽ اهم تعاون تي سمورن عالمي حصيدارن جا ٿورا مڃيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2022ع ۾ ملڪ ۾ رپورٽ ٿيل 20 ڪيسز جي مقابلي ۾ هلندڙ سال اڃا تائين رڳو ٻه ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن جنهن جو وڏو سبب قومي سطح تي پوليو جي خاتمي جي مهم جو تسلسل ۽ حڪومتي سطح تي ڪوششون آهن. نگران وزيراعظم صحت واري وزارت، نيشنل ٽاسڪ فورس، صوبائي حڪومت ۽ انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پوليو جي خاتمي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. اجلاس کي صوبائي وڏن وزيرن ۽ چيف سيڪريٽريز پوليو جي صوبن ۾ موجوده صورتحال ۽ حڪومتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. اجلاس کي اهو به ٻڌايو ويو ته سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پوليو کان بلڪل پاڪ آهي جڏهن ته هلندڙ سال خيبرپختونخواهه ۾ هيستائين رڳو بنون ۾ ٻه ڪيسز جي نشاندهي ٿي آهي. اجلاس ۾ صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان، نيشنل ٽاسڪ فورس جي اعليٰ عملدارن، چئني صوبن جي نگران وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽريز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج
متعلقہ مضامین
مزید خبریں